اڪتڙ عاربي ڳوٺ

اڪتڙ عاربي ڳوٺ: سيوهڻ کان اٽڪل پندرنهن ميلن جي فاصلي تي اتر اولهه ۾ ايئرپورٽ ڀرسان منڇر ڍنڍ جي بچاءُ بند سان لاڳيتا ٻئي ڳوٺ آباد رهيا آهن. هي ٻئي ڳوٺ ملاحن جا آباد ڪيل آهن. اڪتڙ نالو پوڻ بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته اتي اڪ نالي ملاح جو تڙ (مڇي مارڻ جو يا وهنجڻ جو هنڌ) هو، جنهنڪري ڳوٺ جو نالو ’اڪتڙ‘ پئجي ويو. اهڙي طرح عارب نالي پٺيان ’عاربي ڳوٺ‘ نالو پيو. ٻئي ڳوٺ هڪٻئي جي ويجهو هئڻ ڪري ’اڪتڙ عاربي‘ مشهور آهن. هن ڳوٺ جي اهميت اها آهي ته مخدوم بلاول کي هن ڳوٺ جي ڀرسان گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. مغلن جي دؤر ۾ هي ڳوٺ اوج تي هئا. اڪبر جي نون رتنن مان شيخ ابو الفضل ۽ ملان فيضي پٽ قاضي مبارڪ هن ڳوٺ ’اڪتڙ‘ جا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو